مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 22,233 مضمون آهن.
Image
Image

چونڊ مضمون

Image

سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان جو ٽيو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي. سنڌ ۾ آبادي جا آثار 7000 سال قبل مسيع ۾ ملن ٿا. مهر ڳڙهه، جيڪو هاڻ بلوچستان جو حصو آهي، ڪنهن وقت سنڌ جون سرحدون ان تائين ڦهليل هيون. سنڌ جي ثقافت کي هزارين سال ترقي ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن کان پوءِ 3000 سال قبل مسيح ۾ سنڌو تهذيب جو بنياد پيو. سنڌو تهذيب پنهنجي جوهر ۾ آڳاٽي مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي برابر هئي. هتي جي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي ٻولي پڻ جوڙي هئي. روهڙي يا اروڙ اڳاٽي سائوويرا بادشاهت جي گادي جو هنڌ هو، جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻُڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

Image
Image

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


Image
Image

ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

لينسڊائون پل سکر
لينسڊائون پل سکر
  • ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
  • ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
  • ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
  • ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
  • ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.
Image
Image

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/سيپٽمبر 7

Image
Image

اڄ جو لفظ

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهہ ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهہ ممبئيءَ ويو.

Image
Image

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 22,233 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو
Image
Image

بھترين مضمون

Image

اروڙ(انگريزي: Aror) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي ڪافي زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءَ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي

Image
Image

اڄ جو ڏينھن

سومر 7 سيپٽمبر 2026ع مطابق 24 ربيع الاول 1448ھ

گوادر ضلعو
سگوادر ضلعو
Image
Image

وڪيپيڊيا تي ڀاڱيدار ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 22,233 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

Image،Image ، Image ، Image ۽ Image ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)