مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 21,775 مضمون آهن.
Image
Image

چونڊ مضمون

Image
هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند هربخشاڻي(انگريزي: Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani) تاريخ 8 مارچ 1884ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. . ڊي_جي سنڌ ڪاليج مان 1905ع ۾ بي_اي ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان 1919ع ۾ ايم_اي پاس ڪيائين لنڊن ۾ يونيورسٽي ۾ ”انگريزي شاعري ۾ تصوف“ جي موضوع تي مقالولکيائين، جنهن تي کيس پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ڏني ويئي. 1908ع ۾ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت پاڻ ڊي - جي ڪاليج جو پرنسپال هو. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ گهڻو چاهه هو. پاڻ هڪ اعليٰ اديب هو ۽ جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن. پر موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب جو اهم ترين سرمايو آهن.


Image
Image

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


Image
Image

ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

دھلي ۾ ھڪ پروگرام دوران ھو جمالو تي رقص ڪندي
دھلي ۾ ھڪ پروگرام دوران ھو جمالو تي رقص ڪندي
Image
Image

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/جُونِ 19

Image
Image

اڄ جو لفظ

بالشويزم
ھي روسي ٻولي جو لفظ آھي
بالشويزم معني اڪثريت وارا ۽،
ان جو ضد آھي مينشويزم ٿورائي وارا.
بالشيوڪ پارٽي جو نالو پڻ ھن لفظ مان ئي نڪتل آھي.

Image
Image

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 21,775 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو
Image
Image

بھترين مضمون

Image
ايلنور روزويلٽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (انگريزي ۾)، ليڪ سڪسيس، نيو يارڪ جو پوسٽر هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي. نومبر 1949ع.
Image
Image
انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 10 ڊسمبر 1948ع

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي.

Image
Image

اڄ جو ڏينھن

جمعو 19 جُونِ 2026ع مطابق 3 محرم 1448ھ

اگرتلا سازش ڪيس خلاف احتجاج کانپوءِ شيخ مجيب الرحمٰن آزاد ٿيڻ بعد
اگرتلا سازش ڪيس خلاف احتجاج کانپوءِ شيخ مجيب الرحمٰن آزاد ٿيڻ بعد
  • 1968ع – ڍاڪا ۾ اگرتلا سازش ڪيس جي شروعات ٿي، جسٽس ايس اي رحمان جي سربراھي ۾ ھڪ خصوصي ٽربيونل ڪاروائي ھلائي.

نادر شاھ (و. 1747ع)  · موهن ڪلپنا (و. 1992ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:
Image
Image

وڪيپيڊيا تي ڀاڱيدار ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 21,775 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

Image،Image ، Image ، Image ۽ Image ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)